لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين رميز راجا ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ قومي ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪ ڏيندي لکيو ته ٽيم حڪمت عملي، ذهانت ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ به سوشل ميڊيا تي گرين شرٽس کي ڪاميابي جي مبارڪ پيش ڪئي ۽ چيو ته فائينل ۾ بالنگ انتهائي شاندار رهي، آخري 5 اوورن ڪاميابي جو بنياد رکيو، حارث رئوف بهترين بالنگ ڪئي جڏهن ته نواز ۽ حيدر علي سٺو کيڏيا. محمد حفيظ چيو ته هن سيريز ۾ ڪاميابي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم کي گهڻو اعتماد ڏيندي.