سوال/سروي … سنڌ ۾ سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن، شهر بچائڻ ۽ واهر لاءِ آواز اٿاريندڙن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا: عوام

0
349

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پاڻ ۽ پنھنجا شھر بچائڻ به ڏوھ بڻجي ويو…! مختلف علائقن ۾ چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا خلاف ڳالھائڻ تي شھرين خلاف انتقامي ڪارروايون، تشدد ۽ دھشتگردي جا ڪيس داخل، ان عمل کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هڪ ته هٿ سان شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙايا اٿن ٻيو وري مدد نٿا ڪن، متاثرن کي امدادي سامان نٿو ملي، مدد نه ٿيڻ تي دانهون ڪندڙ ۽ شهر بچائڻ لاءِ آواز اٿاريندڙ ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، ڪيس ختم ڪيا وڃن. واھر لاءِ آواز اٿاريندڙن مٿان ڪيس داخل ٿي رھيا آھن جيڪو متاثر راشن لاءِ احتجاج ٿو ڪري ايف آءِ آر ڪاٽي ٿي وڃي اهو غلط عمل آهي، مسڪين ماڻهن سان وڏو ظلم آهي، سنڌ ۾ سريلنڪا جھڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي ڪامران سهتو لکيو ته ڪنڊيارو انتظاميا شهر بچائڻ لاءِ متحرڪ نوجوانن ياسر عرفات، ببلو مڱريو، فرحان کوسو، ذوالفقار ملاح، نديم کوسو سميت 51 ڄڻن خلاف مبينا ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا به قلم شامل ڪيا ويا آھن ان عمل جي نه رڳو مذمت ڪجي ٿي پر آبپاشي کاتي توڙي پوليس خلاف سخت احتجاج به رڪارڊ ڪرائجي ٿو، شهر بچائڻ واري جدوجهد جا اهي اهم سورما آهن، ڪنڊيارو جي وڪيلن کي گذارش آھي ته هو پنهنجن سورمن جي مالڪي ڪن، بابر وساڻ لکيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار تي دوڙ تعلقي ۾ برسات کانپوءِ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور متاثرن جون خبرون هلائڻ جي ڏوهه ۾ منهنجي بابر وساڻ واري نالي واري هن آئي ڊي کي رپورٽون لڳائي بلاڪ ڪيو ويو پر مون پنهنجي ڪوششن سان ٻيهر آئي ڊي بحال ڪرائي اڃان به منهنجي خلاف آفيسر ۽ چونڊيل نمائندا وٺ پڪڙ بند نٿا ڪن، عبدالغفور سروهي لکيو ته سڄي سنڌ ۾ بلڪل اهڙي صورتحال آهي، سرڪار ۽ پوليس جي اهڙي ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. گمبٽ ۾ به خلق جو آواز بڻجڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، ڪٿي ڪيس ته وري ڪٿي سوشل ميڊيا تي فيڪ آئي ڊيز تان گند اڇلايو پيو وڃي، جڏهن ته نصير شيخ نالي هڪ عام شهري تي تڪ جي ايم پي اي نعيم کرل خلاف ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح تازو گهوٽڪي ۾ ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي پوليس گرفتار ڪري دهشتگردن جيان ورتاءُ ڪيو، سارنگ منير سومرو لکيو ته ھي جمھوريت جي روپ ۾  آمريت جي حڪومت آھي، پرويز خاصخيلي به سروي ۾ حصو ورتو، ديال صحرائي لکيو ته اھو عمل سراسر عوام کي ديوار سان لڳائڻ برابر آھي. ماڻھو پنھنجي جگر جي ٽڪرن جا لاش پيا کڻن، بکن ۾ تڙپي پيا مرن، بيماريون وڪوڙي ويون آھن، انھي ماجرن خلاف آواز اٿارڻ انھن جو بنيادي حق آھي. وحيد ڄامڙو لکيو ته حڪومت توڙي سرڪار پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ سڀ حربا ھلائي رهي آھي حڪومت توڙي سرڪار متاثرن کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي واھر لاءِ آواز اٿاريندڙ مٿان ڪيس داخل ٿي رھيا آھن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته راشن به من پسندن کي ڏنو ٿو وڃي، قادر بخش زئور لکيو ته وڏيرا من پسندن کي نوازي رهيا آهن، آواز اٿاريندڙ تي ڪيس داخل ٿين ٿا، لياقت نهڙي لکيو ته سڀ مال جو چڪر آهي، عزيزالله سومرو لکيو ته هتي حق گهرڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي، انتظاميا خلاف ڳالهائڻ قانون جي ڀڃڪڙي برابر آهي، نام نهاد جمهوري ملڪ ۾ رهون پيا، قربان ديناري لکيو ته ڪفر جو نظام ھلي سگھي ٿو ظالم جو نه، نماڻو نوناري لکيو ته سرڪار مالڪي نٿي ڪري ويتر ڪيس داخل ٿي ڪري، رضا جروار لکيو ته عوام کي ايذاءُ ڏيندي ڏيندي يقين ڄاڻو نااھل حڪمران پاڻ به توائي ٿي ويا آهن، شنڪر لال لکيو ته انتظاميا جو عمل ناقابل برداشت آهي، شنڪر گلاب لکيو ته سکڻي ڪُني گھڻو اڀامي سکڻي سياست گھڻو اڏامي. مشتاق احمد بروهي لکيو ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، سليم اختر لکيو ته ووٽرن اهڙا نمائندا چونڊيا آهن اهي سزا لائق آهن، قادر شر لکيو ته سنڌ حڪومت سراسر زيادتي ڪري رهي آهي ان عمل جي سخت لفظن مزمت ڪريون ٿا. محمد يونس بوزدار لکيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي پت وائکي ٿي وئي آهي تمام جلد ھڪ وڏو انقلاب اچڻ وارو آھي، فرمان بلوچ، علي گوهر سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، ريحان جمالي لکيو ته حڪومت عوام کي دٻائڻ چاهي ٿي، دامن خان لکيو ته ان عمل جي مذمت ڪجي ٿي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته هر ماڻهو پنهنجي علائقي کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ٿو ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، نادر علي اڄڻ لکيو ته اسان رڳو افسوس ئي ڪري سگهون ٿا. عبدالقادر گبول لکيو ته باڪردار بي خوف هوندو آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقو هن وقت ٻڏل آهي انتظاميا ڪو به تحرڪ ناهي ورتو جن ماڻهن آواز اٿاريو انهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، غلام حيدر لاکو لکيو ته امدادي سامان جي لٽ مار ڪئي ٿي وڃي، عامر علي لکيو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي، احسان علي چانڊيو لکيو ته سائين انتظاميا پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ هي ڪارناما ڪري پئي، سجاد سومرو لکيو ته مدد ڪرڻ بدران ڪيس ڪيا ٿا وڃن، مولائي اسد ماڇي لکيو ته جيڪو متاثر راشن لاءِ احتجاج ٿو ڪري ايف آءِ آر ڪاٽي ٿي وڃي اهو غلط عمل آهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته انتظاميا ۽  چونڊيل نمائندن جي پت وائکي ٿي وئي آھي، نجيب الرحمان لکيو ته  ماڻھن تي جڙتو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پنھنجي ناڪامي نٿا لڪائي سگھن. مجاهد رند لکيو ته هي آبپاشي دھشتگردي آھي. ايڊووڪيٽ انيس سومرو لکيو ته اڄ ھڪڙو ماڻھو ڳالھائيندو سڀاڻي پورو عوام اٿي پوندو. راشد مجيد چوهاڻ لکيو ته ضلعو نوشھروفيروز سمورو پاڻي ھيٺ آهي پر انتظاميا ڪٿي به نظر نٿي اچي، اظهر ابڙو لکيو ته هي بلڪل غلط عمل آهي هڪ ته حڪمرانن ڳوٺن جا ڳوٺ هٿ سان ٻوڙائي مسڪين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو جيڪو متاثر راشن وغيره لاءِ احتجاج ڪري ٿو يا وري شهر ٻوڙائڻ واري عمل مخالفت ڪري ٿو ته ان خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس ڪرائن ٿا، فضل سبزوئي لکيو ته چونڊيل نمائندا حق سچ ٻڌڻ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن ضلعي ڪشمور جي تعلقي تنگواڻي جي رھواسي  لالو رند تڪ جي ايم پي اي شبير بجاراڻي کي مدد جي اپيل ڪندي ھڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وئرل ڪئي ته اسان شبير بجاراڻي جا ووٽر آھيون اسان جي مدد ڪرڻ سندس ذميواري آهي مسڪين لالو رند کي گرفتار ڪرايو ويو، مسڪين ماڻهن سان وڏو ظلم آهي، عبدالله خان لکيو ته سراسر غلط آهي، سردار لطيف لکيو ته سنڌ ۾ سريلنڪا جھڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، ھڪ ته چونڊيل نمائندا ڪجھه نٿا ڪن ٻيو جيڪي دوست عملي ڪم جي ميدان ۾ آھن انھن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري روڪيو وڃي پيو، عابد حسين شر لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ ان جا ايم پي اي بوکلائجي ويا آھن ڪيستائين تنقيد کان لڪندا ظلم ڪندا، ميهر خان چانگ لکيو ته ماڻهن کان سڀ وسري ويندو وري به انهن کي ووٽ ڏيندا، احمد علي ڪهيري لکيو ته ڪيس پوليس ڇا ڪندي ،مزاحمت زنده ھئڻ جو ثبوت آھي، زاهدگل مجيداڻو لکيو ته بااثرن پئسي جي زور تي پنهنجن فصلن کي بچائڻ لاءِ غريبن جا اجھا تباهه ڪري ڇڏيا، نارائڻ سنڌي لکيو ته شهري ويچارا پنهنجا اجها پچائڻ خاطر پنهنجي مدد پاڻ ڪري رهيا آهن.ان جي ڪري حڪمران طبقي کي برو لڳي ٿو، حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ شرمناڪ عمل آهي، مخدوم مينهل لکيو ته نااهل حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، سڪندر علي لکيو ته بک ڏک سور ۾ انسان دانهون نه ڪندا ٻيو ڇا ڪندا  اعليٰ ادارن کي انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. مظفر لغاري لکيو ته هنن هٿ سان شهرن کي ٻوڙايو، زوار جمالي لکيو ته ٻانڌي ٽائون ڪاميٽي جو ڳوٺ آچر خان جمالي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي آمرجي شاخ تي مقرر آبپاشيءَ جا عملدار ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ نه پيا ڏين ۽ قلم 144جو جواز ڄاڻائي اسان ڳوٺ وارن کي ھراسان ڪن پيا، فدا حسين لغاري لکيو ته ظلم ۽ زيادتيون هڪ وڏي انقلاب کي جنم ڏئي سگهن ٿيون، نعمان شورو لکيو ته برسات متاثرن جي واهر لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بٺورو مختيارڪار بٺورو پاران مبينا طور وڏيرن جي چرچ تي مون تي ۽ منھنجي ڀاءُ تي امدادي سامان ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي هراسان ڪيو ٿو وڃي، الياس سمون لکيو ته ڪيٽي بندر جو ڪچو ٻڏي ويو آهي، لڳ ڀڳ 100 ڳوٺ ٻڏي چڪا آهن ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ڪجهه به سپورٽ ناھي ٿي آواز اٿارڻ تي پابندي لاڳو آهي چون ٿا آواز اٿاريندا ته پوليس حوالي ٿيندا، مظفر بوزدار، منير احمد، غلام رضا راڄپر، حسين ٽانوري، رميش ڪمار، احمد مغيري، شهاد الدين سومرو، شان علي، عبدالرشيد سومرو، ممتازعلي ڪڙمون، حاجي خان پنهور، شيراز احمد، تيجارام پرمام، عبدالسميع، حنا نورين، رياض ڪولاچي، نعمان شورو، طارق باجڪاڻي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.