سرهاڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس سان حادثو، 33 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي

0
532

سرهاڙي/سانگهڙ/ نوابشاهه( نمائندن وٽان) سرهاڙي ويجهو هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 33 ڄڻا فوت ٿي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، امدادي ڪارروايون جاري آهن

ڪراچي کان لاهور ويندڙ آهزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون  آهن حادثي جو آواز ايترو زوردار هو جنهن جي آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

اطلاع تي سرهاڙي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي جڏهن ته علائقي واسين پاران امدادي ڪارروائين دوران  25 کان وڌيڪ لاش ڪڍيا ويا آهن

ڪيترائي مسافر ٽرين جي ملبي اندر دٻجي فوت ٿي وڃڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن جڏهن ڪيترائي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپي رهيا آھن

پوليس موجب نوابشاهه ريلوي انتطاميا کي اطلاع ڪيو ويو آهي پر انتظاميان طرفان اڃا تائين ڪابه ريسڪيو  ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهي آهي جنهن سبب امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي

لاش ۽ زخمين کي نواشاهه ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ڏانهن نيو پيو وڃي جڏهن ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪل تي ويل داڪترن کي پڻ هنگامي بنيادن تي گهرايو ويو آهي

جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايتن تي سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي بعد پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جٿا امدادي ڪارروائين لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا

 پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جٿا حيدرآباد ۽ سڪرنڊ مان طلب ڪيا ويا، آرمي چيف پاران حادثي جو شڪار ٿيل زخمين کي فوري طور ريسڪيو ڪري کين رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 آرمي چيف جي هدايتن بعد آرمي ايويئيشن جا هيليڪاپٽر به ريسڪيو آپريشن لاءِ روانا ٿي ويا، هزارا ايڪسپريس سان حادثي بعد اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند، ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي بيهاريو ويو

اڏيرولال اسٽيشن تي رحمان بابا ايڪسپريس بيهاريو ويو، پاڪستان ايڪسپريس، علامه اقبال ايڪسپريس ۽ قراقرم ايڪسپريس کي به مختلف ريلوي اسٽيشنز تي روڪيو ويو

 ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته رليف ٽرينن کي ڪوٽڙي ۽ روهڙي مان حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ڪينٽ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيشنن تي مسافرن جي معلومات لاءِ ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن

 وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ٽرين حادثي ۾ انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ ۽ متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

حادثي جو شڪار ٽرين ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مسافر سوار هئا: ريلوي انتظاميا

 ڪراچي جي ريلوي انتظاميا چيو آهي ته سرهاڙي ويهو حادثي  جو شڪار ريل گاڏي ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ مسافر سوار ھئا

ريلوي انتظاميا  موجب ٽرين ۾ سوار مسافرن ۾ عورتون ۽ ٻاڙا به وڏي انگ ۾ سوار هئا اڪثر مسافر لاهور ۽ ٻين شهرن جون ٽڪيتون ورتل آهن

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان رليف ريل سروس جو عملو  حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي جنهنکي پهچڻ ۾ 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو

ريلوي انتظاميا موجب ريل گاڏي حادثي جي زخمين ۽ فوتين بابت ڪجهه نٿا چئي سگھون

هي به پڙهندا

هزاره ايڪسپريس حادثو تخريبڪاري به ٿي سگهي ٿي: سعد رفيق