ملازمه رضوانه تشدد جي الزام ۾ سول جج جي گهرواري جي آءِ ٽي آڏو پيش، ڏوهه مڃڻ کان انڪار

0
322
ملازمه رضوانه تشدد جي الزام ۾ سول جج جي گهرواري جي آءِ ٽي آڏو پيش، ڏوهه مڃڻ کان انڪار
ملازمه رضوانه تشدد جي الزام ۾ سول جج جي گهرواري جي آءِ ٽي آڏو پيش، ڏوهه مڃڻ کان انڪار

سوميه جي آءِ ٽي آڏو بيان ۾ چيو آهي ته رضوانا نه اسان وٽ ڪم ڪندي هئي ۽ نه کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ٻارڙيءَ جي والدين کي غريب سمجهي سندن مدد ڪندا رهيا آهيون،

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ملازمه ٻارڙي رضوانه تي تشدد جي الزام هيٺ آيل سول جج جي گهرواري جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي، سوميه عاصم پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو

سول جج جي گهرواري سوميه جي آءِ ٽي آڏو بيان ۾ چيو آهي ته رضوانا نه اسان وٽ ڪم ڪندي هئي ۽ نه کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ٻارڙيءَ جي والدين کي غريب سمجهي سندن مدد ڪندا رهيا آهيون

هن جو چوڻ هو ته  منهنجي مڙس جي موبائيل اڪائونٽ مان غريب خاندان کي 60 هزار روپيا اماڻي چڪا آهيون، رضوانا کي چمڙيءَ جي بيماري هئي، کيس مٿي ۾ ڌڪ ڪيئن لڳو ان جي خبر ناهي

 تشدد جو نشانو بڻيل ٻارڙي رضوانا جو لاهور جي جنرل اسپتال ۾ علاج جاري، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته رضوانا جا پليٽيليٽس ۽ هوموگلوبن نارمل ليول تي اچي ويا آهن، ٻارڙيءَ کي آءِ سي يو مان وارڊ يا پرائيوٽ  روم ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو سڀاڻي ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ڊکڻ: بڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن ۽ سئوٽن هٿان بيواهه ناري قتل