روهڙي مان ريسڪيو ٽرين رواني، اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي: ڊي ايس ريلوي

0
307

سرهاڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس سانحي بابت ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان چيو آهي ته روهڙي مان ريسڪيو ٽرين امدادي ڪمن لاءِ رواني ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته  اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي  ڊي ايس ريلوي چيو ته ريسڪيو ٽرين کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ 2 کان اڍائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا  مقامي ريلوي انتظاميا کي فوري امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي آهي

سندس چوڻ هو ته حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر في الحال حادٿي جو سبب معلوم ناهي ٿيو، جيڪڏهن لاپرواهي ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي وينديروهڙي مان ريسڪيو ٽرين رواني، اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي: ڊي ايس ريلوي

روهڙي مان ريسڪيو ٽرين رواني، اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي: ڊي ايس ريلوي

رحمان بابا ايڪسپريس کي اڏيرو لال اسٽيشن تي روڪيو ويو: مسافر پريشان

 سرهاڙي ٽرين حادثي بعد ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس کي اڏيرولال اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي

رحمان بابا ايڪسپريس کي اڏيرولال اسٽيشن تي روڪڻ جي ڪري مسافرن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيئڻو پئجي ويو

رحمان بابا ايڪسپريس ڪراچي کان پشاور وڃي رهي هئي جڏهن ته مسافرن کي علائقي واسين م کاڌ خوراڪ جون شيون ۽ پيئڻ جو پاڻي پهچايو

هي به پڙهندا

سرهاڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس سان حادثو، 15 ڄڻا فوت، 60 کان وڌيڪ زخمي