سامارو (ن پ ا) خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو سربراهه غلام مصطفيٰ خاصخيلي دل بيهڻ سبب 65 سالن  جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز بعد سندس مڙهه گهر ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جنازي نماز ۾ خاصخيلي برادري جي چڱن مڙسن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان ڏس ۾ مرحوم جي پوئنيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.