راڌڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

0
193
راڌڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾

راڌڻ/ ميھڙ (نمائندن وٽان) راڌڻ ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، راڌڻ ويجھو لاشاري ۽ سرگاڻي ڌرين ۾هلندڙ تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو

فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ گهارو واسي غلام حيدر ۽ امجد سرگاڻي مارجي ويا، زمين تي موجود هارين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي

هڪ جوابدار کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو فرار ٿي ويو

راڌڻ ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، راڌڻ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل ٻن  ڄڻن جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي  تي نٽهڻ اُس ۾ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو

غلام حيدر سرگاڻي ۽ سندس  ڀائٽي امجد سرگاڻي جي وارثن پاران هنيل ڌرڻي سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿي آھي

مظاھرين چيو آھي تھ ٻن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

ھي به پڙھندا

حيدرآباد باءِ پاس تي هوٽل مالڪ هٿان قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو، جوابدار گرفتار،جاچ ڪميٽي قائم