حيدرآباد باءِ پاس تي هوٽل مالڪ هٿان قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو، جوابدار گرفتار،جاچ ڪميٽي قائم

0
287

حيدرآباد: حيدرآباد باءِ پاس تي هوٽل مالڪ هٿان قتل ٿيل نوجوان بلاول ڪاڪا جو لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ جي خاطرين باوجود وارثن طرفان ڪيس داخل ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي

واڌو واهه روڊ تي قائم هوٽل ۾ ماني جي بل تان جهيڙي دوران هوٽل مالڪ لوهي سيخون ۽ گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪيو هو، پوليس هوٽل مالڪ حاجي پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي

نوجوان جي قتل واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد لاپرواهي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ايڪشن، واقعي وقت هوٽل ٻاهران تماشائين جيان بيٺل اهلڪار معطل ٿي ويا

واقعي جي جاچ لاءِ اي ايس پي بلديا جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويندا

نوجوان جي وارثن نيو سعيد آباد باءِ پاس تي به ڌرڻو جاري ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، سياسي سماجي، قومپرست ڌرين جا اڳواڻ ڌرڻي ۾ شريڪ آھن

ھي به پڙھندا

حيدرآباد ۾ ھوٽل مالڪ ھٿان نوجوان بيدردي سان قتل، لاش رکي ڌرڻو