سنڌ ۾ خميس کان وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي نئين ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي

0
267
ڪراچي ۾ اڄ سڄو ڏينهن

ڪراچي: سنڌ ۾ خميس کان وڌيڪ چوماسي جون برساتون پوڻ جي اڳڪٿي، موسميات کاتي نئين ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 14 جولاءِ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو

موسميات کاتي موجب نار بنگال کان چوماسي جون هوائون ملڪ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، 14 جولاءِ کان گهٽ هوا جو دٻاءُ سنڌ ۾ شدت سان داخل ٿيندو

 14 جولاءِ کان 17 جولاءِ تائين ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو، دادو، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برسات بعد بجلي جو ٻيهر بحران، شهر جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري پريشان، ڊفينس، ڪلفٽن، گلستان جوهر، شاهراهه لياقت ۽ محمود آباد سوڌو مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي

جامعه ڪلاٿ ۽ بولٽن مارڪيٽ مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، آءِ آءِ چندريگر روڊ  کان گورنر ۽ سي ايم هائوس  ويندڙ روڊن تي برساتي پاڻي موجود، آرٽس ڪائونسل، سنڌ اسيمبلي ۽ هاءِ ڪورٽ اڳيان به برساتي پاڻي بيٺل، شهرين کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ وسڪارن کانپوءِ بجلي جو بحران