رانا شميم جي بيان حلفي تي پاڪستاني عدالتن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان: چارلس گٿري

0
296
جڏهن بيان رڪارڊ ڪرايو

لنڊن (م ڊ) جسٽس (ر) رانا شميم جي حلف نامي جي تصديق ڪندڙ وڪيل اوٿ ڪمشنر ۽ نوٽري پبلڪ چيو آهي ته  هو پاڪستان ۾ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ان ڳالهه جي تصديق ٿي سگهي ته رانا شميم حلف نامه تي صحيح ڪئي هئي ۽ دستاويز تي صحيح ڪرڻ وقت هوش ۾ هو

 نجي خابرو اداري سان ڳالهائيندي نوٽري پبلڪ چارلس گٿري تصديق ڪئي ته بلڪل صحيح ۽ اهو ئي حلف نامو آهي جنهن تي هن صحيح ڪئي هئي ان تي جسٽس رانا شميم جي صحيح ٿيل هئي. چارلس گٿري چيو ته رانا شميم ان سان ڳالهه ٻولهه ۾ تصديق ڪئي هئي ته پنهنجي حلف نامي تي صحيح چاهي ٿو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ سينيئر جج تي دٻاءُ وڌو ته جي.ين وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڌيءُ مريم نواز کي 2018ع جي عام چونڊن کان اڳ ضمانت تي آزادي نه ملڻ گهرجي، چارلس گٿري جسٽس رانا شميم بابت ٻڌايو ته هو گهڻو پڙهيل لکيل ۽ ذهين شخص آهي، مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي دور ۾ پاڪستان جو سينيئر ترين ججن ۾ شامل هو

 هن چيو ته مونکي واضح طور تي چيو ته ها هو ڄاڻي ٿو ته هن حلف نامي ۾ ڇا چيو آهي، چارلس گٿري ٻڌايو ته بلڪل درست ۽ اصل دستاويز آهن، دستاويزن تي منهنجي روبرو حلف تي صحيح ڪئي وئي جنهن شخص تيار ڪيو ان منهنجو پاسپورٽ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريو هو، ان مونسان اڪيلائپ ۾ ملاقات ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته رانا شميم هجي يا ڪو ٻيو، برطانيا ۾ معياري طريقيڪار اهو آهي ته اسان ماڻهن کان پڇندا آهيو ته جنهن دستاويز تي حفلن صحيح ڪري رهيا آهيو ان جو مواد سمجهو ٿا ته نه، اهو پڇيو ويندو آهي ته انهن وٽ انهن وٽ دستاويزن تي صحيح جي صلاحيت آه، اهو به پڇيو ويندو آهي ته ڇا هو ذهني طور تي هوش ۾ آهي يا نه، هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي اسان ڪنهن به شخص کان حلف وٺڻ وقت ڌيان ۾ رکندا آهيون