لاڙڪاڻو: 13ورهين جي نينگري پر اسرار نموني گم

0
158
لاڙڪاڻو: 13ورهين جي

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي شھر جي رحمت پور محلي مان گذريل ڏينهن کان 13ورهين جي نينگري رضوانه ڌيءُ قبول سومرو پر اسرار نموني گم آھي، وارثن طرفان مٽن مائٽن وٽ ڳولا باوجود ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو

گم نينگري جي وارثن جو چوڻ آھي ته رضوانه گذريل ڏينهن کان گهران نڪري وئي آھي جنهن جي گهڻي ڳولا بعد هٿ نه آئي آھي، نينگري جو ذھني توازن درست نه آھي ۽ ڳالهائڻ کان لاچار آھي