دادو ۾ جن ڪڍڻ لاءِ مبينا پڙهائي دوران نوجوان فوت

0
351

دادو(ن پ ا)  دادو جي قائم ڪالوني ۾ جن ڪڍڻ لاءِ مبينا پڙهائي دوران نوجوان سومر پٽ بهادر ٻرڙو فوت  ٿي ويو.

فوتي سومر جي ماءُ گلان ٻرڙو جو چوڻ آهي ته پٽ تي جنن جو اثر هو، بخار نه ڇڏڻ تي هڪ عورت کان پڙهائي، ڌاڳا ڦيڻا ڪرايا، عورت چيو ته علاج جي ضروت ناهي پڙهائي تي صحيح ٿي ويندو ۽ سڄي رات پڙهائي دوران پٽ بخار ۾ تڙپندو رهيو.

فوتي نوجوان جي والده جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي فجر ويل اسپتال پهچايو جتي هو فوت ٿي ويو.