لاهور (م ڊ) پنجاب انسٽيٽويٽ آف ڪارڊيولاجي لاهور  (پي سي آءِ) ۾ مدي خارج اسٽنٽ لڳائڻ جو انڪشاف  ٿيو آهي، هن سال دل جي مريضن کي جيڪي اسسٽنٽ لڳايا ويا، اهي مئي ۾ ايڪسپائر ٿي چڪا هئا، ڊاڪٽر تحسين چيو آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب مدي خارج اسسٽنٽ لڳائڻ جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته هن حڪومت کان ملڪي معيشت ئي نه پر عوامي زندگين کي به خطرو آهي، وزيراعظم تقريرن مان وقت ڪڍي مدي خارچ اسسٽنٽ لڳائيندڙ جوابدارن کي پڪڙي.