خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قومي شاهراھ ۽ شاهه حسين باءِ پاس وٽ ٻن حادثن ۾ ٽن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. پهرين حادثي ۾ موٽر سائيڪل ۽ ڪيري وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ مسمات بشيران، مسمات سڪينا ۽ نور محمد شيخ زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻئي روڊ حادثي ۾ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار غلام حيدر جوڻيجو ۽ مسمات مٺل زخمي ٿي پيا. حادثن بعد زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو.