حيدرآباد: ڪاروبار نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرائڻ خلاف احتجاج

0
265

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا پراڻي سبزي مارڪيٽ جو 50 سيڪڙو ڪاروبار نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرائي ڇڏيو، واپارين جي هڪ گروپ پاران زبردستي ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙ واپاري عبدالرحمان آرائين ۽ ٻين جو الزام آهي ته پوليس ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي انتظاميا رات دير تائين پوليس سان گڏجي دڪاندارن ۽ واپارين کي پراڻي سبزي مارڪيٽ خالي ڪرڻ جو چوندي رهي، عدالتي حڪم باوجود شهر جي فتح چوڪ, حالي روڊ, ٽنڊو يوسف ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس ميوات ۽ ڀاڄيون کڻي ايندڙ ٽرانسپوٽرز خلاف ڪاروايون ڪري کين پراڻي سبزي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو، هنن چيو آهي ته مارڪيٽ ڪميٽي جي انتظاميا واپارين کي حراسان ڪرڻ لاءِ بينرز لڳرائي انهن تي لکرايو ويو آهي ته جيڪو واپاري نئين سبزي مارڪيٽ منتقل نه ٿيندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، آصف آرائين ۽ ٻين جو مطالبو آهي ته اسان کي پلاٽن جي ڊبل الاٽمينٽ وارو مسئلو حل ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جنهن بعد پراڻي سبزي مارڪيٽ مان رضاڪاراڻه طور نئين مارڪيٽ هليا وينداسين.