نوشين شاهه پاران لباس بابت عمران جي بيان جي حمايت

0
266

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا نوشين شاهه عورتن جي مختصر لباس پائڻ بابت وزيراعظم عمران خان جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي آهي سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم صاحب اسان کي اوهان تي فخر آهي. ڀلوڙ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل اسٽوري ۾ چيو آهي ته پردو ڪرڻ اسان جي اسلام ۾ آهي، ان ۾ ئي اسان جي بهتري آهي. هن چيو ته آئون اهو نٿي چوان ته مردن کي معافي آهي پر حساب ٻنهي کي ڏيئڻو پوندو. نوشين شاهه چيو ته پردو اسان جي اوگهڙ کي ڍڪي ٿو هاڻي اهو عورتن تي آهي ته اهي پردو ن ٿيون يا نٿيون ڪن.