شوبز ۾ اچڻ نه پئي چاهيو، حالتون وٺي آيون: صبور علي

0
292

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صبور علي انڪشاف ڪيو آهي ته هو شوبز انڊسٽري ۾ مجبوري تحت آئي هئي. بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران هن پنهنجي ٻنهي ڀينرن سان لاڳاپن بابت به کلي ڳالهايو. هن چيو ته شوبز ۾ اچڻ نه پئي چاهيو پر مون کي حالتون ان طرف وٺي آيون. صبور علي چيو ته ايروناٽيڪل انجنيئر بڻجڻ جي خواهش هئي پر بڻجي نه سگهيس جنهن سبب مايوس ٿي وئي هيس. هن چيو ته منهنجي ڀيڻ سجل علي شوبز ۾ تيزي سان ڪامياب ٿي رهي هئي، سجل جي ڪاميابي سبب والدا شوبزانڊسٽري ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو.