بجلي بم: في يونٽ ساڍا 7 روپيا مهانگي

0
281

وفاقي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، بجلي ساڍا 7 روپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

 ملڪ ۾ بجليءَ جي بنيادي ٽيرف ۾ 3 کان ساڍا 7 روپيا في يونٽ اضافو  ڪيو ويو آهي، ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي اگهن ۾ واڌ واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

ذريعن موجب حڪومت نيپرا وٽ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪرائي آهي، نيپرا جي فيصلي کانپوءِ حڪومت بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي

ذريعن موجب بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، هڪ سئو يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ به بجلي 3 روپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي

نوٽيفڪيشن موجب 101 کان 2 سئو يونٽس استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي 5 روپيا مهانگي ٿيندي، 301 کان 4 سئو يونٽس تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي ساڍا 6 روپيا مهانگي ٿيندي، 4 سئو کان مٿي 7 سئو يونٽس تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي ساڍا 7 روپيا مهانگي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي

هن کي به پڙهندا

ڊي آءِ جي لاهور جو گهر مان لاش هٿ