ايس ايس پي قمبر عوامي شڪايتن تي ضلعي جي 6 ايس ايڇ اوز کي هٽائي ڇڏيو

0
304

قمبر (ن پ ا) ايس ايس پي قمبر ثمير نور چنو عوامي شڪايتن ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي ضلعي جي 6 ٿاڻن شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اختر ابڙو سجاول جوڻيجو جي ايس ايڇ او طفيل احمداڻي قبو سعيد خان ٿاڻي جي ايس ايڇ او واحد لاشاري ميروخان ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد نواز تونيو مھي مڪول ٿاڻي جي ايس ايڇ او شبير عباسي کي ھٽائي ڇڏيو آهي، جڏھن ته غيبي ديرو، حمل ،دينار ٻرڙو ۽ کبڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.