ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 36 ماڻهو فوت، 935 نوان ڪيس ظاهر

0
256
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 36 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 22 هزار 188 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وائرس جا 935 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 53 هزار 842 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا 8 لک 98 هزار 944 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 1.99 سيڪڙو رهي.