اليڪشن ڪميشن سرگوڌا جي ٻن قومي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

0
55
اليڪشن ڪميشن سرگوڌا جي ٻن قومي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن سرگوڌا جي ٻن قومي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن سرگوڌا جي ٻن قومي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ سرگوڌا جي قومي تڪ اين اي 83 ۽ اين اي 85 تي چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

 ڊي آر او سرگوڌا ۽ رٽرننگ آفيسر به پيش ٿيا، نوازليگ جي اميدوار ٻڌڻي دوران ٻڌايو ته مون کي رٽرننگ آفيسر جو نوٽيس مليو ته توهان جي تڪ ۾ هڪ اميدوار فوت ٿي ويو آهي، جنهن ڪري چونڊون ملتوي ڪيون وڃن ٿيون

اميدوار جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ 15 جنوري جو پيش ڪيو ويو، جاچ دوران خبر پئي ته اميدوار صادق علي جو موت 2 جنوري تي ٿيو هو

نواز ليگ اميدوار چيو ته جعلسازي ڪندي ٻن قومي تڪن تي چونڊ ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪئي وئي، ڊي آر او تصديق ڪئي ته اميدوار جو موت 2 جنوري تي ٿيو هو
اليڪشن ڪميشن ٻنهي قومي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ وارا آر اوز جا نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيا، ٻنهي تڪن ۾ شيڊول موجب چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو