اشرف غني کي گڏيل عرب امارات پاران پناهه ڏيڻ جي تصديق

0
410
اشرف غني کي گڏيل عرب امارات
اشرف غني کي گڏيل عرب امارات پاران پناهه ڏيڻ جي تصديق

دبئي: افغانستان مان ملڪ ڇڏي فرار ٿيل اڳوڻو صدر اشرف غني کي گڏيل عرب امارات پاران پناهه ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت پاران هڪ بيان جاري ڪندي چيو ويو آهي ته اشرف غني ۽ سندس خاندان کي انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏني آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ اشرف غني جي مختلف ملڪن ۾ موجودگي جون افواهون هلي رهيون هيون.