احمد آباد ڌماڪا: ڀارتي عدالت 38 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

0
434
احمد آباد ڌماڪا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي عدالت احمد آباد ڌماڪن ڪيس ۾ 38 جوابدارن کي موت جي سزا ۽ 11 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڀارتي ميڊيا موجب گجرات جي خاص عدالت احمد آباد ۾ 26 جولاءِ 2008 ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ان ڌماڪن ۾ 56 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ها، جڏهن ته عدالت 49 ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو ۽ 28 ڄڻن کي بري ڪيو هو

گجرات جي خاص عدالت جمعي تي 49 جوابدارن مان 38 جوابدارن کي موت جي سزا ۽ 11 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي

ڪيس جي ٻڌڻي دوران سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته گجرات هاءِ ڪورٽ به عدالت به هن فيصلي کي برقرار رکيو آهي

گجرات جي خاص عدالت گذريل سال ڪيس ۾ 77 جوابدارن خلاف ٽرائل مڪمل ڪيو هو، پوليس جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي ۽ اها تنظيم ڌماڪن ۾ ملوث هئي

ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد ڌماڪن کانپوءِ مختلف ڪاررواين ۾ بم به هٿ ڪيا ويا هئا ۽ 35 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا