سنڌ سان گئس جي معاملي ۾ زيادتي ڇو؟

0
182
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ گئس جو بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.پر لڳي ٿو وفاقي سرڪار  هٿ وٺي اهو بحران سنڌ ۾ برقرار رکڻ گهري ٿي نه ته جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري ٿو انهي ۾ ئي گئس جي بحران جو ڪو جواز ئي نه ٿو ٺهي ايستائين جو سنڌ اسيمبلي ،سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آئين به اهو ئي چئي رهيو آهي ته جتان گئس پيدا ٿئي ٿي ته اڳ ۾ اتان جو ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. صوبي گئس جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل قرارداد کي اڃا ٻه ڏينهن مس گذريا آهن۽ هاءِ ڪورٽ به ڪجهه ڏينهن اڳ صوبي جي حصي جي گئس جي ڪٽوتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو  ته وري سنڌ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،ڄڻ ته وفاقي حڪومت ۽ گئس انتظاميا سنڌ اسيمبلي ۽ هاءِ ڪورٽ کي اهو نياپو ڏنو هجي ته ڀلي ڪيتريون به قراردادون پاس ڪيو۽ حڪم جاري ڪيو  پر اوهان جي ڪا اهميت ناهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ  سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ صوبي ۾ گيس بحران وارو معاملو بحث هيٺ آيو. سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي عدالت کي ٻڌايو ته توانائي واري وفاقي سيڪريٽري جي حڪم تي سنڌ جي 15 سيڪڙو گيس فراهمي گھٽائي اها گيس ٻين صوبن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن سيڪريٽري ۾ آئين جي خلاف ورزي جي همت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت قدرتي وسيلن تي پهريون حق پيداواري علائقن جو  هوندو آهي، جنهن تي سوئي سدرن  گيس ڪمپني جي ايم ڊي عدالت کي ٻڌايو ته توانائي واري وفاقي سيڪريٽري سميت اختيارين کي سنڌ ۾ گيس بحران بابت خط لکيا آهن پر ڪا ورندي ناهي ملي. عدالت سوئي سدرن جي ايم ڊي جي بيان جي روشني ۾ توانائي ۽ ناڻي وارن وفاقي سيڪريٽرين کي ٻن هفتن ۾ صورتحال جي وضاحت لاءِ طلب ڪري ورتو.هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ اسيمبلي  صوبي ۾ گئس جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ قراداد پاس ڪئي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾  گيس جي بندش خلاف ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ويو ته سنڌ صوبو پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿو، انهي باوجود صوبي جي گهريلو صارفين ۽ ڪارخانن کي گيس نه ٿي ملي، وفاقي سرڪار آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي، سوئي سدرن گيس ڪمپني وارا  چون ٿا ته سستي قدرتي گيس بجاءِ  مهانگي آر ايل اين جي وٺو،  جڏهن ته  صوبي جي 34سيڪڙو گيس ٻين صوبن  کي ڏني پئي وڃي.   پشاور هاءِ ڪورٽ جي  حڪم تي سي اين جي سيڪٽر کي  هفتي ۾ 3 ڏينهن  گيس ملي ٿي، سوئي سدرن وارا سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم نٿا مڃين، ڪشمور کان ڪراچي تائين گيس ناهي، اها انڌير نگري ناهي ته پوءِ ڇا آهي؟ ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ويو ته  سي اين جي سيڪٽر ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آھن،  سنڌ ۾ سي اين جي سيڪٽر  ۾ ڪروڙن  جي ٿيل سيڙپ برباد ڪئي وئي آهي، سنڌ کي ڪهڙي قانون تحت آر ايل اين جي تي شفٽ ڪيو ويو آھي.

اسان سمجهون ٿا ته  هاءِ ڪورٽ جي ريمارڪس ۽ سنڌ اسيمبلي جي  ٺهراءَ کانپوءِ به سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي ٽي ڏينهن بند ڪرڻ جو فيصلو سراسر ظلم آهي.هڪ طرف گهريلو واهپيدارن کي گئس نه ٿي ملي ته ٻئي طرف وري سي اين جي اسٽيشنز کي بند ڪريو پيو وڃي جنهن سان هزارين پورهيت بيروزگار ٿيندا.اهڙو فيصلو نه رڳو سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي۽ اعليٰ عدالت جي  توهين آهي پر آئين جي به ڀڃڪڙي آهي.تنهن ڪري وفاقي سرڪار فوري طور اهڙو فيصلو واپس وٺي سنڌ  کي پنهنجي حصي جي پوري گئس مهيا ڪري اهو بحران حل ڪري.