اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي: عمر ايوب

0
49
اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي: عمر ايوب
اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي: عمر ايوب

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي، مخصوص سيٽن جي ورڇ وارو معاملو عدالت ۾ چئلينج ٿيل آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جون پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري روڪي چڪي آهي

عمر ايوب چيو ته سڀاڻي پي ٽي آءِ کي پنهنجيون مخصوص سيٽون مليون ته صدارتي چونڊون ٻيهر ڪرائڻيون پونديون، پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويو

هي به پڙهندا

صدر پاڪستان جي چونڊ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ووٽنگ جاري