ميهڙ: جنيد شوروم جي مالڪ خان محمد پٺاڻ جي قتل کان پوء سوڳ ۾ ميهڙ شهر ۾ قائم 2سو کان مٿي موٽر سائيڪل شوروم بند ڪيا ويا ۽ واقعي خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ڪيوويو. ميهڙ پوليس کان مطالبو ڪيو ويو ته 24ڪلاڪن اندر واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن نه ته احتجاج ڪيو ويندو.