ميهڙ: ميهڙ ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل موٽر سائيڪل شوروم مالڪ خان محمد پٺاڻ جي ڪنهن سان به ڪابه دشمني نه هجڻ ڪري ۽ قتل واقعو ڳجهارت بڻجي ويو آهي. پوليس واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۾به ناڪام ٿي وئي. سندس قتل واقعي جو ڪارڻ سندس ويجهو رهندڙ ماڻهن ۽ موٽر سائيڪل شوروم جي مالڪن کان پڇڻ باوجود معلوم ٿي نه سگهيو آهي.