ميهڙ(رپورٽ:پاويل جوڻيجو) ميهڙ ۾ خير پور ناٿن شاهه انڊس هاءِ وي تي سنڌ بيئنڪ وٽ جنيد موٽر سائيڪل شوروم  جي مالڪ خان محمد پٺاڻ ٽن موٽر سائيڪل سوارنامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اڻڄاتل جوابدار خان محمد پٺاڻ کي  گوليو هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کان پوءِ کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور اب نه سهندي فوت  ٿي ويو. واقعي جو وقت سر اطلاع ملڻ باوجود ميهڙ جي ون فائيو سينٽر ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن کان پوء شهرين زخمي شوروم مالڪ خان محمد پٺاڻ کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ميهڙ پهچايو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب وارث چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو کڻائي ويا.جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. بعد ۾ مقتول خان محمد پٺاڻ جو لاش پوسٽ مارٽم لاء واپس تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو، اطلاع تي ڪراچيء مان وارث ميهڙ پهچي ويا ۽ پوسٽ مارٽم بعد سندس مڙهه ميهڙ مان ڪراچي کڻائي ويا جتي سندس تدفين ڪئي ويندي. وارثن ۾ قهرام مچي ويو، جڏهن ته ميهڙ شهر ۾  ڏينهن ڏٺي جو صبح سان مصروف روڊ سان هٿياربندن جي سرعام فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ تي  ميهڙ 15پوليس سينٽر ۽ ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس هٿيار بندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. نه ئي واقعي کان پوءِ پوليس شهر جي ٻاهر نڪرندڙ لنڪ روڊن جي ناڪا بندي ڪئي ۽ هٿيار بند ڪارروائي ڪري موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قتل بعد ميهڙ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.  هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل خان محمد پٺاڻ جي جنيد موٽر سائيڪل شوروم ڀرسان اوڀر پاسي ۾ سنڌ بيئنڪ ۽ سامهون اتر پاسي ميزان ،مائيڪرو فنانس ،خوشحالي بيئنڪ نجي بيئنڪون پڻ آهن جنهن سمورين بيئڪن ۾ سي سي ٽي وي  ڪئميرائون لڳل آهن پر ڪالهه آچر هجڻ سبب بينڪون بند هيون. ڄاڻايل روڊ انتهائي مصروف روڊ آهي ، جڏهن ته پوليس واقعو ڪندڙ جوابدارن جا فوٽيج ڏسڻ لاء خبر موڪلڻ تائين ڪنهن به هڪ بيئنڪ جي عملدار سان رابطو نه ڪيو هو