ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اهم اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد به شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي مان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو
اليڪشن ڪميشن مشاورتي اجلاس دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي
صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان به سڀاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي تصديق ڪئي آهي
ياد رهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جون بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته حساس ادارن به سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي