سنڌ ۾ سڀاڻي ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ انتظام مڪمل

0
237

ڪراچي: سنڌ ۾ سڀاڻي ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،  ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنس جي سمورن ضلعن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي عملو ۽ پولنگ جو سامان پهچائڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي

ڏورانهن علائقن ۾ سامان ۽ عملو پهچايو ويو، صوبائي اليڪشن ڪميشن پاران ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ مڪاني چونڊن جي مانيٽرنگ لاءِ اليڪشن سيل قائم ڪيو ويو

 ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي جي پولنگ اسٽيشنز تي سامان پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي