ڪوٽڙي: روڊ حادثي ۾ اٺن سالن جو ٻارڙو فوت

0
251

ڪوٽڙي(ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ رڪشي جي ٽڪر ۾ اٺن سالن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو،

ڀٽائي ڪالوني بستي روڊ تي تيز رفتار رڪشا ساگر ولد منظور پنهور کي ٽڪر هڻي شديد زخمي ڪري وڌو، جنهن کي پاڙي وارن کيس ڪوٽڙي اسپتال  کڻي پهتا.

اسپتال پهچڻ وقت ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد ٻارڙي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.