ڪنهن کي به ملڪ اندر وڳوڙ پکيڙڻ جِي اجازت نه ڏينداسين:شيخ رشيد

0
358

اسلام آباد : وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ قومي مفاهمت ۽ قومي حڪومت ۾ فرق آهي، ڪنهن کي به ملڪ اندر وڳوڙ پکيڙڻ جِي اجازت نه ڏينداسين، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو تھ اپوزيشن جا تڪراري بيان سامهون اچي رهيا آهن، اسان قومي مفاهمت لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ۾ ڪوبه امريڪي فوجي ناهي، سيڪيورٽي خدشن سبب طورخم بارڊر کي ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ وڃي رهيا آهيون..