ڪراچي ۾ رينجرز جو بند گودام تي ڇاپو، وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

0
286

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ رينجرز هڪ بند گودام تي ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا، ترجمان سنڌ رينجرز موجب نيو ڪراچي جي سيڪٽر پنج اي ۾ بند گودام تي ڇاپوهنيو ويو، ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار مليا آهن، ترجمان موجب هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي دهشتگردن ڪراچي آپريشن جي دوران لڪايو هو، بر آمد ڪيل هٿيارن ۾ 7 ڪلاشنڪوف، 7 رائفلز، 6 ريپيٽرز، 10 پستول، هڪ ريوالور ۽ ڪيتريون گوليون شامل آهن.