ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪو، 13 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

0
243
ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪو
ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪو، 13 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڪابل: افغان راڄڌاني ڪابل ۾ ايئرپورٽ ڀرسان هڪ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄنا مارجي يوا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن، جن ۾ عورتون به شامل آهن. جڏهن ته طالبان گارڊز پڻ ڌماڪي ۾ زخمي آهن. پينٽاگون جي ترجمان جان ڪربي پڻ ڌماڪي جي تصديق ڪئي.

ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾  جان ڪربي چيو ته ڪابل ايئرپورٽ جي ٻاهران ڌماڪو ٿيو آهي ٻئي طرف برطانوي ميڊيا هڪ آمريڪي اهلڪار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو.

ڌماڪو ڪٿي ٿيو؟فرانسيسي نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب غير تصديق ٿيل رپورٽن مطابق ڌماڪو ڪابل ايئرپورٽ جي مک دروازي ايبي گيٽ تي ٿيو ، جتي گذريل 12 ڏينهن کان هزارين ماڻهو ملڪ ڇڏڻ لاءِ گڏ ٿيل آهن.هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪو بارون هوٽل جي گيٽ جي ويجهو ٿيو ، جيڪو پرڏيهي ملڪ استعمال ڪري رهيا هئا.ترڪ نيوز ايجنسي ترڪي جي دفاع واري وزارت جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته Kabul ڪابل ايئرپورٽ ٻاهران 2 ڌماڪا ٿيا آهن، ترڪ عملدارن موجب ، ايئرپورٽ تي موجود ترڪ فوجين کي ڪوبه نقصان نه پهتو.