کهڙا (ن پ ا) کهڙا شهر کي ڏنل رنگ بند کي شرپسندن ٽيون ڀيرو ڪٽ ڏئي ڇڏيو، گندو پاڻي شهر جي روڊن رستن، دڪانن ۽ گهرن ۾ داخل، دڪاندارن ۽ شهرين پاران گندي پاڻي ۾ بيهي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، شرپسندن خلاف ايڪشن کڻڻ ۽ پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو. رپورٽ موجب کھڙا شھر کي ڏنل رنگ بند کي شرپسندن گذريل ڏينهن ٽيهر ڪٽ ڏئي ڇڏيو. برسات ۽ سم نالي جو گندو پاڻي شهر جي روڊن رستن، گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پيو. دڪاندارن ۽ شهرين ڪامريڊ محمد علي اڄڻ، مبين اڄڻ، خادم حسين بانگو، قلندربخش منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اهڙي عمل خلاف سبزي مارڪيٽ روڊ تي گندي پاڻيءَ ۾ بيهي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته شرپسندن ٽيهر رنگ بند کي ڪٽ ڏئي شھر کي ھٿ سان ٻوڙي ڇڏيو آهي. پبلڪ هيلٿ عملي جي نااهليءَ سبب گذريل ٽن مهينن کان شهر گندي پاڻيءَ جو تلاءُ بڻيل آهي. ھنن ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور ڪٽ بند ڪرائي شرپسندن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي ۽ شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شهر مان برسات ۽ سم نالن جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته ايس ڊي او ۽ انجنيئر پبلڪ ھليٿ گمبٽ ۽ ٽائون آفيسر کهڙا خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.