دڙو (ن پ ا)دڙو لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي محمد ٿهيم جي استادن شاگردن ڳوٺاڻن ۽ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران 4 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ ملهائڻ جي اعلان کان پوءِ جاگرتا  مهم شروع ڪري ڇڏي اسڪول ۾ شاگردن ٽقافتي ڪپڙا ۽ ٽوپي اجرڪ پهري ٽيبلوز ۽ قومي گيت ڳائي ويٺل سنڌ جي وارثن کي جھومائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالجبار ٿهيم۔ عبدالڪريم پليجو۔ علي محمد۔سيد عطا شاه۔لطيف اڪبر شاه۔۽ ٻين  چيو ته  ٽقافتي ڏهاڙي جو بنياد رکندڙ علي قاضي کي سلام پيش ٿا ڪريون جنهن سنڌين کي پنهنجي 5000 ھزار کان پراڻي ثقافت ياد ڏياري ۽ ان کي ھر سال ملھائڻ جو اعلان ڪيو. ھنن چيو ته اسان خوش نصيب سنڌ جا وارث آهيون جنھن سنڌ کي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي دعا آهي۽ شير خدا مولا مشڪل ڪشا پنھنجا قدم مبارڪ گھمايا ھي سنڌ ڌرتي صوفين بزرگن عالمن شاه ڀٽائي ۽ قلندر جي پاڪ پوتر ڌرتي آھي. ھنن اعلان ڪيو ته 4 ڊسمبر ثقافتي ڏيهاڙو قومي عيد ڪري ملهائينداسين ۽ دنيا ڏسندي ته سنڌ ڌرتي جا وارث ھڪ ھنڌ گڏ اھن.