ڪراچي: ڪراچي جي قديم ترين تعليمي اداري ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ ڪلاس رومز خالي ھجڻ ۽ شاگردن جي حاضري گھٽ ھجڻ تي  پرنسپال کان وضاحت طلب ڪئي وئي  آهي،  ڪاليجز واري کاتي پاران ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد مھر منگي کي ليٽر موڪلي چيو ويو آهي ته ڪاليجز واري ڊي جي پاران ڪاليج جي ڪيل دوري دوران شاگردن جي حاضري گھٽ هئي ، جڏهن ته اڪثر ڪلاس روم خالي پيل ھئا، ڪاليج انتظاميا ستن ڏينهن اندر وضاحت ڏئي، ٻئي صورت ۾ کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي ـ ھوڏانھن  رابطو ڪرڻ باوجود ڪاليج جي  پرنسپال ڪو موقف نه ڏنو