ڳڙھي ياسين ( رپورٽ: حزب الله پيرزاده) ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ جادو ڪلهوڙو ۾ انڙ ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين رحيم بخش بروهي ۽ صاد الله انڙ ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان فائرنگ ۾ زاهد انڙ ۽ سعيد انڙ ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته عمران انڙ ۽ راجا انڙ سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي انڙ برادري جا هٿياربند واقعي واري هنڌ پهتا.انڙ ۽ بروهي برادري جي هٿياربندن ۾  هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو.ايس ايچ او ڳڙھي ياسين واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال آندو،پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي عمران انڙ ۽ راجا انڙ صحافين کي ٻڌايو ته بيمار عورتن کي چنگچي رڪشا تي ڳڙهي ياسين مان علاج ڪرائڻ بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ حميد جاگير وٽ بروهي برادري جي هٿياربندن اسان کي روڪي 2 ڄڻن زاهد انڙ ۽ سعيد انڙ کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو، اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي، لاش ڪيتري دير تائين روڊ تي پيل رهيا،  هنن چيو ته بروهي برادري سان زمين تي تڪرار هلندڙ آهي، بروهي ڌر اسان جي 6 ڄڻن کي بيگناهه قتل ڪيو آهي.