ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ارسا غزل انهن فنڪارن مان هڪ آهي، جيڪي اسڪرپٽ جي چونڊ ڏاڍي سوچ ويچار سان ڪن ٿيون. اڄڪلهه سندس ڊرامو ”حبس“ آن ايئر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪردار تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. ان ڪردار جي حوالي سان ارسا غزل چيو ته هي ٻن پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهن جي ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن زال ڪنهن ٻئي کي پسند ڪري ٿي ته هن پنهنجي مڙس کي چيو ته جيڪڏهن مان هاڻي توسان گڏ رهيس ته اها منافقت ٿيندي، تنهن ڪري مڙس پنهنجي زال کي عزت سان پري ڪري ڇڏيو. ڪنهن به اهو الزام نه لڳايو يا نه چيو ته هن جو ڪردار درست ناهي، ڊرامي ۾ عورت کي اهڙو جرئتمند فيصلو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، پر سماج ۾ جيڪڏهن عورت ائين ڪرڻ جو سوچي به ٿي ته ان تي آڱريون کڄن ٿيون. ان حوالي سان ارسا غزل جو چوڻ هو ته مرد هجي يا عورت هر انسان کي پنهنجي مرضي مطابق فيصلو ڪرڻ جو حق آهي. مان عورت جي ان حق کي تسليم ڪريان ٿي. ارسا وڌيڪ چيو ته ”عورت جيڪڏهن پنهنجي مرضي مطابق فيصلو ڪري ته طوفان اچي ويندو، جڏهن ته مرد کي چار شاديون ڪري ته نه نٿو سوچيو وڃي.