ٽي ايل پي طرفان پي ٽي آءِ جي احتجاج کان هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد پهچڻ جو اعلان

0
207
ٽي ايل پي طرفان پي ٽي آءِ

ڪراچي: تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان پي ٽي آءِ جي احتجاج کان هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد پهچڻ جو اعلان، ٽي ايل پي پنهنجي ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جي ڪال ڏئي ڇڏي آھي

 ٽي ايل پي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري امجد رضوي چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ پريڊ گرائونڊ تي جلسي جي اجازت گهري پر نه ڏني وئي، هاڻي راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي پريڊ گرائونڊ تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ھن چيو تھ گهرو وزير کان پُڇڻ گهرون ٿا ته ڇا اسان ڀارت مان آيا آهيون؟ عمران خان کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت آهي ته پوءِ ٽي ايل پي کي ڇو نه ڏني وئي

ھي به پڙھندا

فوجي هيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي بعد سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم