ڀٽو ڦاهي: سپريم ڪورٽ قصور وار آهي يا مارشل لا ايڊمنسٽريٽر؟

0
41
جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس
جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل خلاف صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ قصور وار آهي يا مارشل لا ايڊمنسٽريٽر؟

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو عدالت ۾ پيش ٿيا

سپريم ڪورٽ فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر جي وڪيل کي به ڌر ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي هلائي

رضا رباني صنم ڀٽو، بختاور ۽ آصفه جي وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پاران معاون مقرر ڪيل زاهد ابراهيم معاونت کان معذرت ڪري ڇڏي

زاهد ابراهيم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ پوٽِي فاطمه ڀٽو مون کي پنهنجو وڪيل مقرر ڪيو آهي

عدالتي معاون مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ هڪ غلط فيصلي کي غلط قرار ڏئي تاريخ جو ريڪارڊ درست ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

 عدالت ٻڌڻي فيبروري جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي