ممبئي(م ڊ) ڀارت ۾ هندو انتها پسند تنظيم شيوسينا جي سربراهه ۽ مهاراشٽرا جي وڏي وزير اودي ٺاڪري خلاف پارٽي  ۾ بغاوت ٿي آهي. بغاوت جي سربراهي شيوسينا جي اهم اڳواڻ ۽ وزير اڪانٿ شندي ڪري رهيو آهي جيڪو پارٽي جي 35 اسيمبلي ميمبرن کي ساڻ ڪري آسام جي شهر گوهاٽي جي هڪ هوٽل ۾وڃي ويهي رهيو آهي، ساڻس گڏ ٻين پارٽين جا ست ميمبر پڻ موجود آهن، اهڙي نموني وٽس موجود اسيمبلي ميمبرن جو انگ 42 ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اڪانٿ شندي بي جي پي سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي حق ۾ آهي ۽ سندس مطالبو آهي ته شيو سينا ڪانگريس ۽ نيشنل ڪانگريس پارٽي سان اتحادي حڪومت ختم ڪري. شيو سينا جي باغي ميمبرن مهاراشٽر جي گورنر ڏانهن لکيل خط ۾ اڪانٿ شندي کي پنهنجو اڳواڻ قرار ڏنو آهي. اهڙي صورتحال کانپوءِ مهاراشٽر جو وڏووزير اودي ٺاڪري وزيراعليٰ هائوس ڇڏي پنهنجي گهر منتقل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٻين جي چوڻ تي نه پر پنهنجن ڪارڪنن جي چوڻ تي مستعفي ٿيڻ ۽ پارٽي چيف جو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي پاسي بي جي پي مهاراشٽر جي سياسي بحران کي رياست جو اندروني معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان معاملي تي پارٽي جو ڪو به لهڻو ليکو ناهي. هوڏانهن شيو سينا جي سينئير اڳواڻ سنجي روات الزام هڻندي چيو آهي بغاوت پٺيان مرڪز ۾ حڪمران پارٽي بي جي پي جو هٿ آهي. سنجي روات چيو ته جيڪڏهن اڪانٿ شندي پارٽي سان سچو آهي ته کيس پارٽي جو حصو رهڻ گهرجي، 24 ڪلاڪن ۾ واپس ممبئي اچي ۽ پنهنجا مطالبا پيش ڪري.