لنڊن(م ڊ) آسٽريا جو شهر ويانا رهائش لاءِ دنيا جو سڀ کان بهترين شهر بڻجي ويو آهي جڏهن ته رهائش لاءِ بدترين  شهرن ۾ ڪراچي به شامل آهي. برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ويانا نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان بهترين شهر جو درجو کسي ورتو آهي، جيڪو پهرئين کان 34 هين نمبر تي هليو ويو آهي. ان جو سبب ڪورونا سبب سخت پابنديون آهن. ٻئي نمبر تي ڊنمارڪ جو ڪوپن هيگن، ٽئين تي سوئزرلينڊ جو زيورخ، چوٿين ۽ پنجين نمبر تي ڪيناڊا جا ڪيلگري ۽ وينڪوور، ڇهي تي سوئزر لينڊ جو جنيوا، جرمني جو فرينڪفرٽ ستين، ڪيناڊا جو ٽورنٽو اٺين، هالينڊ جو ايمسٽرڊيم نائين ۽ جاپان جو اوساڪا ۽ آسٽريليا جو ميلبورن گڏيل طور ڏهين نمبر تي آهن. اها درجا بندي استحڪام، صحت جي سهولتن، ثقافت، ماحوليات، تعليم ۽ انفرااسٽرڪچر جي انڊيڪس مطابق ڪئي ويندي آهي. رهائش لاءِ 10 بدترين شهرن ۾ شام جو دمشق پهرئين، نائيجيريا جو لاگوس ٻئي، ليبيا جو طرابلس ٽئين، الجيريا جو الجزائر چوٿين، ڪراچي پنجين، پاپوا نيوگني جو پورٽ مورسبي ڇهين، بنگلاديش جو ڍاڪا ستين، زمبابوي جو هراري اٺين، ڪيمرون جو دوالا نائين ۽ ايران جو تهران ڏهين نمبر تي آهي. لنڊن 33 هين، پيرس 19 هين، نيويارڪ 51 هين، بارسلونا 35 ۽ ميڊرڊ 43 هين نمبر تي آهي.