ٿر ۾ برسات کانپوءِ ڏڪاري حالتن جا ستايل ماروئڙن ۾ خوشي جي لهر

0
423

ڇاڇرو(ن پ ا) ٿر ۾ لڳاتار ٻن ڏينهين کان وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ ڏڪاري حالتن جا ستايل ماروئڙن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

ٿر واسين جو چوڻ آهي ته هن ڀيري دير سان برساتون پيون آهن، گهربل برساتون نه پوڻ ڪري فصل نه ٿيندا، مال مويشي لاءِ ٿورو گهڻو چارو ٿيندو ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بحران به  ختم ٿيندو.

ڏاهلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۽ سرحد ويجهو علائقن ۾ به ساوڻي جي برسات سبب هر منظر خوبصورت بڻجي ويا ۽ جوڳي فقير به ٿر پهچي ويا، مرليون وڃائي برسات جي آجيان ڪئي.

موسمياتي کاتي جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ ٻن ڏينهين تائين وڌيڪ برساتون جاري رهنديون.