روزو جسماني ۽ روحاني تندرستي جو ذريعو آهي!
مقدس مهينو رمضان شريف هلي رهيو آهي، هي مهينو برڪتن، رحمتن وارو مهينو آهي، هن مهيني جي هر گهڙي رحمت ئي رحمت آهي. هن مهيني ۾ نيڪين جو ثواب وڌي ويندو آهي، نفلي عبادتن جا ثواب فرض برابر ۽ فرض عبادتن جا ثواب 70 سيڪڙو وڌي ويندا آهن. رب تعالى جي حڪيم ذات جو ڪو به حڪم بي پناهه حڪمتن کان خالي ناهي هوندو. ڌڻي تعالى انسان کي خوامخواهه بکيو، اُڃو رکڻ جي مشقت ۾ وجهڻ پسند ناهي فرمايئندو پر روزو انسان لاءِ جسماني، روحاني تندرستي ملڻ جي اهڙي زبردست حڪمت عملي آهي، جيڪو رب تعالى بطور تحفو پنهنجن پيارن ٻانهن کي عطا فرمايو آهي. سڄي ڏينهن جو هڪ وڏو حصو روزي ۾ گذارڻ باوجود انساني جسم ۾ اضافي چربي ۽ ٿولهه کان ڇوٽڪارو ملندو آهي. بدن چست ٿي پوندو آهي، چهري ۾ چمڪ اچي ويندي آهي، دماغ کي طاقت ملندي آهي، پيچيده بيماريون رفع دفع ٿي وينديون آهن. انسان ۾ صحت ۽ تندرستي اچي ويندي آهي. اها ته صرف روزي رکڻ کان جسماني فائدن جي مختصر فهرست آهي پر روزي جو بنيادي مقصد انسان کي تقوى ۽ رب تعالى جي حڪمن جو پابند بڻائڻ آهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بحيثيت مسلمان جي اسان کي تمام عبادتون ڌڻي تعالى جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ دعا اها آهي ڌني تعالى هن مقدس مهيني ۾ اسان جي ڪيل عبادتن کي قبول فرمائي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
رمضان شريف جو برڪت ڀريو مهينو ۽ اسان جي سستي!
رمضان رب جي نعمت آھي، هن مهيني ۾ رب طرفان برڪتون ۽ رحمتون وڏ ڦڙي جيان وسنديون آھن پر اسان هن مهيني جي اهميت ۽ شان سڃاڻي ناهيون سگهندا، رب ڪريم اهو مبارڪ مهينو ان ڪري عطا فرمايو جو ٻانهون 11 مهينا دنيا جي ڌنڌن ۾ رهي ٿو جنهن ڪري دل ۾ غفلت پيدا ٿئي ٿي، روحانيت ۽ رب جي قرب ۾ گهٽتائي ٿي ويندي آھي ته رمضان ۾ ماڻھو خدا جي عبادت ڪري ان کوٽ کي ختم ڪري. دلين ۾ گناھن سبب چڙهيل ڪٽ ۽ غفلت کي به ختم ڪري جيئن رب سايئن جو قرب ۽ رضا حاصل ٿئي. رمضان بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جو نالو ناهي پر روزو تقوى جو نالو آھي. رب سايئن قرآن پاڪ ۾ فرمايو ته اي ايمان وارو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آھن جهڙي طرح اڳين امتن تي به فرض ڪيا ويا هئا (روزن جو هي حڪم توهان تي ان لاءِ ڏنو ويو آھي) جيئن توهان ۾ تقوى پيدا ٿئي. بهرحال روزي جو مقصد تقوى آھي ان تقوى کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن امت تي سال ۾ هڪ مهيني جا روزا فرض ڪيا ويا. هن مبارڪ مهيني جو اصل مقصد هي آھي ته غفلت جي پردن کي دل تان هٽايو وڃي. اصل مقصد خلقيندڙ طرف رجوع ڪيو وڃي، گذريل 11 مهينن ۾ جيڪي گناھ ٿيا انهن کي معاف ڪرائي آخرت ۾ جواب ڏيڻ جي احساس ۽ فڪر سان گڏ گناھ نه ڪرڻ جو عزم ۽ جذبو دل ۾ پيدا ڪيو وڃي.گناهن کان بچڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. بهرحال رمضان رب کان گناهن جي معافي وٺڻ، کيس پرچائڻ جو مهينو آھي، جيترو ٿي سگهي دعائن جو اهتمام ڪيو، پنهنجي لاءِ، پنهنجي والدين، استادن، دوستن، مٽن مائٽن، پنهنجن توڙي پراون لاءِ، ملڪ ۽ قوم لاءِ ۽ دنيا جي سڀني مسلمانن لاءِ دعائون گهرجن، ٻاجهارو ٻاجھ ڪندي ضرور دعائون قبول ڪندو.
قاصر محمد نواز نهڙي/ميرپورخاص
احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن تي سهولتون ڏيو!
سنڌ حڪومت توڙي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ کي گھرجي ته احساس ڪفالت سينٽرن کي سھولتون ڏئي حد جي آفيسرن، ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي مختيارڪار کي سختيءَ سان الرٽ رھڻ جي ھدايت ڪري، ناجائز ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي پر افسوس جو سنڌ حڪومت وفاق مان ناخوش آهي نه ئي سنڌ جا آفيسر پنھنجو ڪردار ادا ٿا ڪن، جھڙا روح تھڙا ختمان، جھڙي حڪومت اھڙي ئي آفيسر شاھي ويچارن عورتن کي رقم وٺڻ ۾ ڪيڏي نه تڪليف ۽ ايزاءَ پيا ملن، ايجنٽ مافيا ڪٽوتي ته ڪري ٿي پر ان ڪٽوتي جي بدلي مستحق عورتن کي ويھڻ لاءِ ڪرسي، ٽينٽ يا ٿڌي پاڻيءَ جو به بندوبست نٿو ڪيو وڃي، مستحق عورتن جي پئسن مان 500 کان 1000 تايئن ڪٽيو ٿو وڃي ۽ حد جا نااھل آفيسر توڙي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي، اسسٽنٽ ڪمشنرن کي گھرجي ته روز جي بنياد تي احساس ڪفالت سيٽرن جو دورو ڪري سھولتن جو جائزو وٺن پر افسوس آهي ته آفيسر شاھي به پنھنجن عياشين ۾ پوري آھي، ھوڏانھن آءِ جي سنڌ ھڪ ليٽر جاري ڪيو ھو ته سنڌ جي ڪنھن به ضلعي يا تعلقي ۾ ھلندڙ احساس ڪفالت سيٽرن تي ناجائز ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽ خلاف حد جو SHO ڪارروائي ڪري انھن خلاف ڪيس درج ڪري پر ھتي ته آءِ جي صاحب جا حڪم ھوا ۾ اڏري ويا، پوليس به پنھنجي خرچي ڪڍڻ ۾ مصروف آھي قانون پاڻ ئي مصروف آھي کيسا ڀرڻ ۾ ته ٻيا ادارا وري خاڪ عمل ڪندا، الائي ڪڏھن سنڌ تان ڏمر لھندو ۽ سنڌي ويچارا سک جو ساھ کڻندا.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ
احساس ڪفالت پروگرام جي وظيفي مان ٿيندڙ ناجائز ڪٽوتي!
ڪشمور ضلعي اندر احساس ڪفالت پروگرام جو قسط جاري ٿيندي ئي ايجنٽ مافيا جي لاٽري کلي وئي آهي، ڊوائيسز هولڊر ايجنٽ مافيا سان ڳٺجوڙ ڪري غريب، مسڪين ۽ بيواھ عورتن جي وظيفي تي ڌاڙو هڻڻ ۾ مصروف آهن، ضلعي جي اڪثر احساس ڪفالت ادائيگي مرڪزن تي ساڳيو ئي حال آهي، 12 هزار رپين واري جاري قسط تي ڊوائيسز هلايئندڙ انتظاميا بايوميٽرڪ وٺڻ بعد هر حقدار مستحق عورت جي وظيفي مان 5 سو کان 1 هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪري ظلم پئي ڪري، شڪايتن تي جڏهن انتظاميا سينٽرن تي پهچي ٿي ته انهن ڇاپن دوران مستحقن کي مڪمل رقم ڏني وڃي ٿي ۽ جڏهن ڇاپا مار ٽيم واپس موٽي وڃي ٿي ته ڪٽوتي وارو سلسلو برقرار رکيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ڊوائيسز هولڊر ايجنٽ مافيا روزانون جي بنياد تي لکين رپيا غريب مسڪين ۽ بيواھ عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪري ڪمائي رهيا آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سينٽرن تي پوليس اھلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن تنھن باوجود به ايجنٽ مافيا ادائيگي مرڪزن ۾ ڪيئن گهڙي ٿا اچن، ڪورونا وبا جي لهر باوجود انتظاميا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، ماسڪ پائڻ توڙي سماجي وٿي واري پاليسي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته احساس ڪفالت پروگرام جا جيڪي به سينٽرز آهن انهن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ سان گڏوگڏ انتظاميا ايجنٽ مافيا ٽولي خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري ۽ ڊوائيسز هلايئندڙن کي به تنبيھ ڪئي وڃي ته هو ايجنٽن جي گرفت ۾ اچڻ بنا مسڪين، غريب ۽ بيواھ عورتن کي وظيفي جي مڪمل رقم ڏين ته جيئن حقدارن سان انصاف ٿي سگهي.
ماجد علي مزاري/ڪشمور 
مڪلي جي تاريخي قبرستان
کي قبضاگيرن کان بچايو!
مڪلي جو قبرستان سنڌ جو تاريخي ورثو آهي، ھي قبرستان ايشيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي، قومون پنهنجي تاريخي ماڳن جون حفاظت ڪنديون آهن پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي، جيئن حيدرآباد جي تاريخي قلعي تي ڌارين جو قبضو آهي ان تي اسان جي سرڪار خاموش آهي پر اسان جا ساڃاهه وند به ھڪ ٻه بيان ڏيڻ کان پوءِ خاموش ٿي ويندا آهن، ساڳي روش سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن سان آهي، ڪڏهن ڪينجهر تي قبضا ٿا ٿين ته ڪڏهن ڪارونجهر کي ڪپيو ٿو وڃي، مفادپرست سياستدان ۽ انهن جا ڇاڙتا اھڙن ڪمن ۾ اڳرا ھوندا آھن ۽ پاڻ کي سنڌ پرست سڏايئندڙ ڪجهه ٽڪن عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري خاموشي اختيار ڪندا آهن. ڪجهه سالن کان مڪلي جي قبرستان کي به نشانو بڻايو پيو وڃي پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي. قبضاگيرن کي ڪن وڏين قوتن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنھن ڪري انهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي، ھو مختلف جاين تي قبضا ڪري انهن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي پلاٽ وڪرو ڪري وري ڪنهن ٻي پلاٽ تي قبضو ڪندا آهن، هاڻي ته ھي هڪ قسم جو منافعو ڏيندڙ ڪاروبار بڻجي ويو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي طاقتور ڌريون به شامل آهن ۽ مقامي آفيسر پئسن عيوض جعلي ڪاغذ ٺاهي انھي ڪڌي ڪاروبار ۾ شريڪ آهن. اسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته منصفاڻي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري قبضا گيرن کان قبضا ڇڏرائي تاريخي ماڳ کي بچايو وڃي، ان سان گڏ ساڃاهه وند ۽ سنڌ دوستن کي به اپيل آهي ته سنڌ جي تاريخي ماڳن جي مالڪي ڪريو نه ته چند سالن کان پوءِ مڪلي جو قبرستان ميسارجي ويندو ۽ اتي به ڌاريا قابض ٿي ويندا.
عبدالڪريم هالو/ ٻيلو سجاول
ڀلاري مهيني ۾ منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪير ڪندو؟
هر ڏينهن جي اهميت هوندي آهي، ايئن هر مهيني جي به اهميت ۽ فضيلت آهي، مڙني مهينن مان ڀلاڙو مهينو رمضان جو آهي ۽ اسلامي حساب سان هن مهيني کي وڏي فضيلت حاصل آهي، ٻين ملڪ ۾ رمضان مهيني ۾ اتان ماڻهن کي خاص رليف ڏنو ويندو آهي ۽ غريبن جي مدد ڪئي ويندي آهي، پنهنجي ملڪ جي ڳالھ ڪريون جتي رمضان جي ۾ به منافعي خورن جو راڄ هوندو آهي، جتي منافعي خورن غريب ۽ مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا آهن جتي رمضان ۾ به ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏنو ويندو پر ابتڙ آسمان ڇهندڙ اگھن ڪري هر شيءِ غريب جي پهچ کان پري ٿي ويندي آهي، منافعي خورن مارڪيٽن ۾ هٿ ٽوڪيون لسٽون هڻي ٻنهي هٿن سان ماڻهن کي ٽي رهيا آهن، ڀلاڙي مهيني ۾ به عام ماڻهو سبزي وٺڻ لاءِ به پريشان آهن، جتي سبزين  فروٽن ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين جا اگھه چاڙهي ڇڏيا آهن جتي مسڪين ماڻهو هڪ ويلي لاءِ پريشان آهن، غريب مسڪين جيڪي مزودري ڪري پيٽ پاليندا هئا هن ڀلاڙي مهيني ۾ کائڻ پيئڻ جو شيون هنن جي مزدوري جي پئسن کان وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن، منافعي خورن سبب مسڪينن جا ٻار ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن پر حڪومت ۽ انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، اهي منافعي خور حڪومت کان به ڏاڍا آهن، جنهن جو نقصان عام عوام کي ڀوڳڻو ٿو پوي. صوبائي توڙي وفاقي حڪومت به رمضان ۾ ماڻهن لاءِ ڪنهن به رليف جو اعلان ته نه ڪيو آهي پر منافعي خورن خلاف به ڪو ايڪشن نه ورتو آهي، حڪومت ۽ انتظاميا کي گھرجي ته اهڙن منافعي خورن خلاف ايڪشن کڻي ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن شهري سستي انگ تي کائڻ پئيڻ جون شيون وٺي سگهن ۽ ان ڀلاڙي مهيني ۾ سک جو ساھ کڻي سگهن.
آصف علي منگي/گمبٽ
منهنجي ڳوٺ کي به بنيادي سهولتون ڏيو!‎
منهنجو ڳوٺ بلند خان نوتڪاڻي تعلقي ماتلي جي يوسي حاجي سانوڻ جو انتهائي قديمي ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ سان لڳو لڳ ٻيا به ننڍا وڏا گھڻا ڳوٺ آهن جيڪي سوين گهرن تي مشتمل آهن، منهنجي ڳوٺ سميت آسپاس جا سمورا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. هنن ڳوٺن کي ماتلي، تلهار، راڄو خاناڻي ۽ نندي سان ملايئندڙ ٻه مک روڊ آهن جيڪي گذريل 20، 25 سالن کان مرمت جي انتظار ۾ آهن، جيئن ته هي سمورو زرعي علائقو آهي تنهن ڪري ماڻهن کي زرعي سامان ۽ مختلف فصلن جي پيداوار شهر تائين پهچائڻ ۽ آڻڻ لاءِ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. هن علائقي مان تيل به نڪري ٿو ۽ ان آئل فيلڊ جا کوھ ڳوٺاڻن جي زمينن ۾ آهن، تنهن هوندي به هتي نه ڪو سٺو اسڪول ملندو، نه ڪا ڊسپينسري ۽ نه ئي پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهولت. هن علائقي ۾ جر جو پاڻي خراب آهي جنهن ڪري ماڻهو واهن جو پاڻي استعمال ٿا ڪن، هي علائقو ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ مرحوم بشير هاليپوٽو جو اليڪشني تڪ رهيو آهي پر کين هن علائقي جي ماڻهن تي ڪو رحم نٿو اچي، نه ئي وري هٿان جي لوڪل ڪميونٽي کي ايتري ساڃاهه آهي نه همت ته اهي هنن کان ڪم وٺن. آئون پنهنجي اخبار وسيلي واسطيدار ڌرين کان مطالبو ٿو ڪريان ته هن علائقي تي نظر ڪرم ڪن، آئل اينڊ گئس ڪمپنين کان پروڊڪشن بونس جي مد ۾ مليل فنڊز مان هن علائقي جا روڊ، اسڪول تعمير ڪيا وڃن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ننڍا ننڍا فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن جيئن هتان جو عوام خطرناڪ وچڙندڙ بيمارين کان بچي سگهي.
عبدالجبار/ علي ٽائون، بدين
هڪ ڀيرو ٻيهر ٺڪر جي ٿانو ڏانهن ماڻهن جو لاڙو!
محرابپور سميت هالاڻي، لاکاروڊ، ڪوٽڙي ڪبير، خانواهڻ، ڪنڊيارو ۽ ضلعي جي ٻين شهرن سميت وڏي عرصي کان ڪنڀارڪي ڪم سان لاڳاپيل هزارين ڪنڀر مٽيءَ مان ٺڪر جا ٿانو ۽ رانديڪا ٺاهي انهن تي رنگين گلڪاري ڪري بازارن ۾ وڪرو ڪندا هئا، مقامي بازارن کان سواءِ ضلعي ۾ ٺھندڙ ٺڪر جا ٿانو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪري لاءِ موڪليا ويندا هئا پر آهستي آهستي مارڪيٽ ۾ پلاسٽڪ، چيني ۽ ڌاتو جا ٿانو ۽ رانديڪا اچڻ بعد ٺڪر جي شاندار دور جي پڄاڻيءَ بعد ڪنڀرن جون پڙيون ۽ دڪان بند ٿي ويا هئا ۽ ڪيترن ئي ڪنڀرن ٺڪر جا ٿانو ٺاهڻ واري اباڻي ڪِرت ڇڏي ٻيا ڪم ۽ ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيا هئا پر هن وقت مهانگائي وڌڻ سبب پلاسٽڪ ۽ ڌاتوءَ جا ٿانو مهانگا ٿي ويا آهن جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ٺڪر جا دلا، مٽ ۽ ٻيا ٿانو وٺڻ شروع ڪيا آهن، ٺڪر جي ٿانون جي گهرج وڌڻ ڪري محرابپور سميت مختلف شهرن ۾ وري ڪنڀرن ٺڪر جي ٿانون جا اسٽال لڳائڻ شروع ڪيا آهن. موهن جي دڙي سميت سنڌ جي قديم ماڳن مان ٺڪر جي ٿانون ۽ رانديڪن جون باقيات مليون آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته هي هنر هزارين سال پراڻو آهي ۽ ٺڪر جا ٿانو صحت لاءِ پڻ فائديمند آهن ڪنڀرن کي شاهه عبدالطيف ڀٽائي پڻ ڳايو آهي، سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي هن قديم هٿ جي هنر کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪا پاليسي جوڙي وڃي.
آزاد منظور خاصخيلي/ هالاڻي
ٻيلي جي بجلي بحال ڪريو!‎
لاڳيتو ڏيڍ مھيني کان مٿي آئون سمجھان ٿو ٻه مھينا پورا ٿيڻ تي آھن، ٻيلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿيل آھي، ھن شھر جي بجلي بند آهي، جيتوڻيڪ مون کي ھي خط اڳ ئي لکڻ کپندو ھو پر ٻڌايو پي ويو ته، لائيٽ رمضان کان اڳ ٺھي ويندي، انڌيري نگري اھا آهي جو ان ڳالھ کي ٻه ھفتا گذري چڪا آھن خبر ناھي ته ٽرانسفارمر ٺھندو لڳندو به الائي نه؟ ھتان جي سياسي سماجي ۽ شھري اڳواڻن پاران ھي مسئلو ضلعي جي چونڊيل نمائندن وٽ رکڻ باوجود به اڃا ٻيلي جي لائيٽ ٺھي نه سگھي آھي. خدارا جيڪو مسئلو ڪجھ ئي ڏينھن ۾ حل ٿي ٿو سگھي ان کي ٻه مھينا پورا ٿيڻ تي آھن، آخر ٻيلي ڪي شهرين کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي. ان ڪري نه فقط ٻيلي شھر جي سياسي اڳواڻن پر ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي گھرجي ته جلد کان جلد ھن شھر جي لائيٽ ٺھرائي ڏني وڃي ته جيئن رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ماڻھو گرمي جھڙي عذاب کان بچي  سٺي روزا رکي سگھن ۽ نموني ڪاروبار ڪري سگھن.
رياض امر ٻجورو/سجاول
بحرالدين بحر جي سار لهو!
دنيا ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون جڙيون ۽ مٽجي ويون پر سنڌو تهذيب خوش نصيب آهي جنهن جا وارث پاڻ تهذيب ۽ تمندن جا اڻ مٽ اهڃاڻ بڻجي تهذيب جي بقا جي ضمانت ڏئي رهيا آهن، اهڙن ڪردارن کي سنڌي سماج ۽ ٻوليءَ ۾ ”سگهڙ“ چيو ويندو آهي، انهن سگهڙن جي ڊگهي سلسلي ۾ بحرالدين بحر شنباڻي بلوچ پنهنجي نالي جيان وشال، گهرو ۽ پري کان پڌرو ڪردار آهي. پاڻ نهايت ئي سٻاجهڙي طبعيت، مهمانواز ۽ ملنساز شخصيت جو مالڪ آهي، پاڻ پنهنجي پوري حياتي ادب خاص طور تي لوڪ ادب کي ارپي ڇڏيائين. سگهڙائپ ۾ ته سندس مختلف ڪتاب پڻ ڇپيا آهن جن ۾ ”ڪليات بحر، تڙ تڙ تنوارون، گيت منهنجا غزل“ ان کان سواءِ ٻيو به اڻ ڇپيل مواد شامل آهي، کيس ادبي خدمتن عيوض مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، انهن ايوارڊن منجهان، شاهه لطيف، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست ايوارڊ شامل آهن. کيس سچل ايوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ طرفان اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه هٿان مليو هو. هي سگهڙ هن وقت جيري جي تڪليف سبب زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ثقافت کاتي سنڌ ۽ ٻين سرنديءَ وارن کي اپيل ٿي ڪئي وڃي ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هو زندگيءَ جو بچيل حصو لوڪ ادب جي خدمت ڪرڻ ۾ گذاري سگهي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
اچو ته سوچون، گڏجي ڪو لائحه عمل جوڙيون!
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان کي منجهائڻ، ويڙھائڻ  جي تسلسل سان ڪوششن ۽ سازشن کي سمجهڻو پوندو، امر جليل جي وڊيو، شيخ رشيد جو وائڙائپ وارو بيان، اجرڪ جي گوڏ، موئن جي دڙي مان مليل آثارن جي بيحرمتي، ته آخر ڳالھ ڪهڙي آھي؟ ڇا اسان کي انتشار جي ورچاڙهي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي سازش ته نه پئي ڪئي وڃي؟! ڇو ته دنيا ته دنيا پر اسان جي ملڪ جون ٻيون قومون تعليم، معيشت، روزگار، ڪاروبار ۾ اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويون آھن ۽ اسان اڃا اتي جو اتي چاڪي جي ڏاند جيان گول ڦيرا ڏئي رهيا آهيون، رڳو پاڙيسري صوبي پنجاب کي ڏسو، نسواري سڏجندڙ ڪي پي ڪي جي پٺاڻن کي ڏسو ته ڪيئن نه برق رفتاريءَ سان ترقي جا ڏاڪا چڙهندي ڪاروبار، زمينن، فيڪٽرين ۽ نوڪرين تي والار ڪري ويا آهن، اسان پنهنجن حقن لاءِ جڏهن عملي ميدان ۾ لهنداسين ته پوءِ ئي اسان کي پنهنجا حق حاصل ٿيندا باقي صرف لفاظيءَ تي اهو ڪم ناهي ٿيڻو، جيڪڏهن اسان جي قوم ايئن کي اگھور ننڍ ۾ رهي ته ان ۾ ڪا ويرم نه لڳندي ته اسان جو ماضي به ريڊ انڊين جي ماضيءَ جيان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي.
زاهد علي ڀٽو/ڏهرڪي
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
خادم شاهاڻيءَ وارن سان ڪچهري ڪرڻ ويس، طالب پليپوٽي هڪ ڇانهون وڍيو جيڪو اندران خراب هئو، ڀائو امين کوسي چيو ته هي شهريار خاصخيلي جيان اندران خراب نڪتو، علي شير کوسو هڪ ڪم واري راند ۾ مصروف نظر آيو، کوليءَ ۾ واپس اچي رشيد ڏيٿي سان گڏ ماني کاڌم، شام جو اسان سخت ورزش ڪئي، رات جي مانيءَ کان پوءَ ارطغرل ڊرامو ڏٺوسين. رات جو بجلي هلي وئي ۽ چنڊ جي چانڊوڪي پوري زندان تي چاندي وسائڻ لڳي، مون سمجھڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر قيدي مڇرن مون کي سمهڻ نه ڏنو ۽ منهنجي اندر جو شاعر به مون کي چوڻ لڳو ته اُٿي قلم کڻي چانڊوڪي اڄ توسان گڏ آهي ۽ ڪجھه نئون لک، مون هڪ ڏيئو ٻاريو ۽ پنهنجي قلم ۽ ڊائري کڻي ويٺس، مون سوچيو ته هيءَ شاعري منهنجي سموري سنڌ پڙهندي، مون وري ٻيو ڏيئو ٻاريو ۽ پوءِ لکڻ شروع ڪيو:
اجھو ڄاڻ هاڻي سڀ اجھاڻا ڏيئا،
مٿان ڪنهن لاءِ چنڊ بيٺو تون پائين ليئا،
تون هيڪر تڪيو منزلن کي هيو،
ذهن دل پنهنجا سدائين سفر ۾ رهيا،
چاڪ سيني جا ڪيسين سبندس ڀلا،
گھاوَ ڏيندڙ اڃا ڪونه آهن ٿڪيا،
خواب جھڙا سمورا ٿا هاڻي لڳن،
ڪنهن وفائن جا جيڪي وچن ها ڪيا،
زنداني کوليِءَ ۾ دم گھٽجي پيو،
روشنيءَ جي ڪري پيو اهو ڪر پڇا؟
مڃين ڇو نٿو وقت گذري ويو،
پيار تنهنجا هنن کان وسري ويا،
ڪري ڇڏ آصف تون پنهنجي ڪهاڻي پوري،
ويل ڪٿي ڇلگري وري آهن وريا.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (05 اپريل 2021)