سوال/سروي وزيراعظم جو سنڌ پيڪيج اعلان ئي رهجي ويندو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن: عوام

0
17

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم پاران سنڌ جي 14 ضلعن لاءِ 446 ارب جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ اجايا پيا آهن، سنڌ سرڪار مخالفت واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، اوهان وزيراعظم جي بيان کي ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران پيڪيج جو اعلان ڪرڻ سٺو عمل آهي پر لڳي نٿو ته عمل ٿيندو ڇو ته ان کان اڳ ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو جنهن تي به عمل ناهي ٿيو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جنهن تي وفاق پاران شهر اڏڻ خلاف سنڌ جو عوام احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي، وفاق پاران اڏاوت قبول ناهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مسرور کهڙو لکيو ته سنڌ جو عوام ٻيٽن تي شھرن اڏڻ واري فيصلي رد ڪري چڪو آھي تنھن ھوندي به وفاق جي اک ٻيٽن مان نٿي نڪري، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ سرڪار ڪم ڪري، وزيراعظم جن ضلعن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اتي عوام جي سهولت لاءِ ڪم ڪيو آهي؟گل حسن شر لکيو ته الله ڪري ان اعلان تي عمل به ٿئي ڪٿي اهو پيڪيج به ڪراچي پيڪيج وانگر رهجي نه وڃي، نورالله خان لکيو ته وزيراعظم پاران پيڪيج جو اعلان سٺو آهي جيستائين عمل ٿيندو تيستائين حڪومت ئي هلي ويندي، احمد شاهه لکيو ته وزيراعظم جي اعلان سان سنڌ کي فائدو ٿيندو، عصمت الله حسن لکيو ته اهي سکڻا اعلان آهن سنڌ کي فائدو نه ٿيندو، محمد پريل عباسي لکيو ته وزيراعظم جو ڪوئي پيڪيج نه آھي سڀ ڊرامي بازي آهي، ڪراچي لاءِ به صرف اعلان ڪيو هو، فضل الرحمان بگٽي لکيو ته 2023ع جي اليڪشن جي تياري ۾ اهو قدم آهي، اياز احمد لکيو ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ ڪيل اعلان تي عمل ناهي ڪيو باقي ضلعن لاءِ به ڪجهه ناهي ملڻو، ممتاز سميجو لکيو ته اسٽيج تي عوام لا اهڙا سکڻا اعلان سياستدان ڪندا رهندا آهن عمران خان اعلان تي عمل به ڪري، ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري فيصلي کي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته خالي پيل ٻيٽن تي شھر ٺھرائي اصل سنڌي رهاڪن کي اتي نوڪريون ۽ ڪم ملن ته اهو ڪم به سٺو آھي، شاهد ڏاهري لکيو ته وزيراعظم سنڌ جي ماڻهن سان سچو ناهي، سارنگ علي هليو لکيو ته تبديلي سرڪار جو سنڌ سان ٻٽو معيار آهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن تبديلي سرڪار ان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پيڪيج تي اڳ به عمل ناهي ٿيو، ساحل ڪيريو لکيو ته اهو پيڪيج فائدو ڏيندو، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته وفاق سنڌ جي زمينن کانپوءِ سنڌ جي ٻيٽن تي نظر رکيو ويٺو آهي اهي ارادا ڪڏهن به پورا نه ٿيندا سنڌ جا ٻيٽ سنڌي قوم جي ملڪيت آهن.پريم راٺوڙ ڪولهي لکيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ھميشا ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي پئي اچي، پيڪج سنڌ کي ڏيڻ سان صوبو ترقي ڪندو، جانب علي ڪٽوهر لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جا ئي آھن باقي وزيراعظم کي اعلان تي عمل ڪرڻ به گهرجي، 2013 کان جيڪب آباد ضلعي ۾ بجلي نه هجڻ برابر آھي وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن کي حل ڪري، امير بخش گجو لکيو ته وزيراعظم پاران سنڌ جي ترقي ۽ عوام کي سهولت لاءِ بهترين اعلان آهي، ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت جو اعتماد حاصل ڪري، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته ڄاڻايل ضلعن کان سڀ کان وڌيڪ پسمانده ضلعو قمبر شھدادڪوٽ آھي جنهن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي. باقي ٻيٽ سنڌ جا آهن، نماڻو نوناري لکيو ته وزيراعظم جي اعلان جو فائدو ملڻ گهرجي، ٻيٽ سنڌ جا آهن، آصف علي ميمڻ لکيو ته اهو اعلان صرف اعلان ئي رهجي ويندو، سنڌ واسي ٻيٽن واري معاملي تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن، اي جي بلوچ لکيو ته وزيراعظم سکڻا اعلان ڪري رهيو آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اعلان پورو ٿيڻ جي اميد ناهي، ٻيٽ سنڌ جي سونهن آهن. رياض بلوچ لکيو ته وزيراعظم پهريان ڪراچي لاءِ به اعلان ڪيو هو ان تي ئي ڪم ناهي ٿيو، طارق ميمڻ لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جا هئا سنڌ جا ئي رهندا، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌ جي عوام سان واعدا وفا ناهن ٿيا. عباس ڪلهوڙو لکيو ته سنڌ حڪومت وچ ۾ نه اچي باقي ڪم ٿي ويندا، بخش علي مهر لکيو ته اهي پيسه به جيڪڏهن سنڌ سرڪار جي هٿ چڙھي ويا ته پوءِ سنڌ جي عوام جو ڪجهه به ڪونه ٿيندو، رياض حسن بهڻ لکيو ته اهو رڳو اعلان آهي، مدثر کهاوڙ لکيو ته اهي پئسا سي پيڪ روڊ تي خرچ ٿيندا يعني عام ترقياتي پيڪيج تي استعمال نه ٿيندا. سي پيڪ ته هونئن به ٺهڻو هيو هاڻي اهيو عمران خان سکر ۾ حوال پروگرام ڪري ويو آهي. شمس الدين رند لکيو ته عمران خان اهڙا اعلان ڇاڇرو ٿرپارڪر لاءِ به ڪيا هئا، طارق باجڪاڻي، علي عباس شر، منٺار علي، منيش واسو، خالد ٿري، تسليم چانڊوي، اقرار چانڊيو، عاشق حسين، حافظ آزاد سهندڙو، وحيدعلي ڄامڙو، غلام حسين ڀٽي، امين گهوٽو، ايم عشرت بروهي، احسان سومرو، اسد ديشي، امتياز جمالي، زين ملاح، خاموش خليل شر، غلام سرور جهلڻ، ايم اسحاق بوزدار، موهن لال، سڪندر علي، نذير احمد، جمال الدين چنا پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.