پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي پاران جعلي مقابلن جو اعتراف

0
216
پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي آءِ جي پنجاب ۽ بلوچستان چوڌري يعقوب جعلي پوليس مقابلن جو اعتراف ڪري ورتو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي آءِ جي بلوچستان چوڌري يعقوب چيو ته هو مڃي ٿو ته جعلي پوليس مقابلا ٿيندا آهن پر حڪومت کي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪو به پوليس مقابلو ناهي ٿيندو

چوڌري يعقوب چيو ته پوليس آفيسرز به مقابلن کان آگاهه هوندا آهن ۽ پوليس مقابلن کي سرڪاري سرپرستي حاصل هوندي آهي، ڪيترن ئي پوليس مقابلن کانپوءِ ڏوهن جي شرح ۾ به گهٽتائي به ٿي آهي

هن چيو ته موجوده حڪومت پوليس جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ به ناڪام وئي آهي، جڏهن آءِ جي هيس ته سياسي مداخلت کانسواءِ ٽرانسفر پوسٽنگ ممڪن نه هئي