اسلام آباد ( رپورٽ: ايم بي سومرو) ملڪ ۾ پاڻي وهڪرا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويا، 13 جون تي دريائي وهڪرا 4 لک 56 هزار ڪيوسڪ هئا، جيڪي ڪالهه گهٽجي 2 لک 21 هزار 200 ڪيوسڪ تي پهچي ويا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ پاڻي کوٽ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، دريائن ۾ پاڻي آمد گهٽجڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ پاڻي صورتحال جي جائزي لاءِ ارسا اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق سنڌ پاران سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ جا امڪان آهن، ٻئي طرف دريائي وهڪرا گهٽجڻ بعد ڊيمن مان پاڻي جي کڻت ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ارسا ترجمان خالد رانا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن وقت اهو چئي نٿو سگهجي ته پاڻي جي کوٽ 30 يا 35 سيڪڙو تي پهچندي، اترين علائقن ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي. هوڏانهن تربيلا ڊيم ۾ ڪالهه پاڻي جي آمد 98 هزار 500 ۽ ڇوڙ هڪ لک 55 هزار ڪيوسڪ رهيو، جڏهن ته منگلا ۾ پاڻي جي آمد 45 هزار 300 ۽ ڇوڙ 40 هزار ڪيوسڪ، هيڊ مرالا وٽ چناب ۾ پاڻي جي آمد 36 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 900 ڪيوسڪ، نوشهره تي ڪابل ندي ۾ پاڻي جي آمد 40 هزار 500 ڪيوسڪ رهي، ڪالهه تربيلا ۾ پاڻي جو ذخيرو 11 لک 20 هزار ۽ منگلا ۾ پاڻي جو ذخيرو 19 لک 51 هزار 61 فوٽ رهيو، واضح رهي ته تربيلا، منگلا، چشما ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو 31 لک 99 هزار ايڪڙ فوٽ ( 3.19 ايم اي ايف) آهي.