ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ حڪومت کي اڳواٽ خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن گيس جي فراهمي گهٽائي وئي ته ڪراچي ۾ 9 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي سگهي ٿي. ڪي اليڪٽرڪ خط ۾ لکيو آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني ٻڌايو آهي ته گيس جي فراهمي 150 کان گهٽائي 100 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجا پاور پلانٽ هلائڻ لاءِ 190 ايم ايم سي ايف ڊي جي ضرورت هوندي آهي، گيس جي فراهمي گهٽائي وئي ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ ان کانسواءِ ڪو آپرشن نه هوندو ته اسان 2 پلانٽ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ اهي 2 پلانٽ گيس کانسواءِ ڪنهن ٻئي فيول تي نه ٿا هلي سگهن، اهڙي صورتحال ۾ بن قاسم واري پلانٽ لاءِ فرنس آئل جي کپٽ 11 سئو ميٽرڪ ٽن روزانو مان وڌي 44 سئو ميٽرڪ ٽن تائين ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين جولاءِ کان پهرين اسانجا فرنس آئل جا ذخيرا ختم ٿي ويندا، انهي سان بن قاسم وارو پلانٽ بند ٿيڻ جو به خطرو آهي، خط موجب ڪي اليڪٽرڪ کي فرنس آئل جي فراهمي اڳ ئي بند ڪئي وئي آهي اسان کي پنهنجو 120 ميگاواٽ جو ڪمبائنڊ پلانٽ ڊيزل تي هلائڻو پوندو، جنهن جو صارفين ۽ ٽيرف تي وڏو اثر پوندو، ڊيزل سان بجلي جي پيداوار 28 رپيا في يونٽ پوندي.