پاڪستان ڪنهن به تڪرار جو حصو بڻجڻ نٿو گهري: بلاول ڀٽو زرداري

0
288
پاڪستان ڪنهن به تڪرار

پاڪستان ۽ جرمني طرفان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو آهي

اسلام آباد پهتل جرمن پرڏيهي وزير سان ملاقات بعد پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي ترجيح معاشي سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي

بلاول چيو ته ڀارت ۾ اسلاموفوبيا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي آهي، يوڪرين جنگ جو فوري خاتمو چاهيون ٿا، پاڪستان ڪنهن به تڪرار جو حصو بڻجڻ نٿو گهرَي، پاڪستان ۽ آئون پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيا آهيون

جرمن پرڏيهي وزير چيو ته افغان صورتحال ۾ پاڪستان وڏي دل جو مظاهرو ڪيو

هن چيو ته افغانسان ۾ انساني بحران وڌي رهيو آهي، عالمي برادري طالبان کي ٻڌائي ته اُهي غلط رُخ ۾ وڃي رهيا آهن، جرمني طرفان افغان عوام جي مدد جاري رکي ويندي